پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۾ جوڙو اغوا، پوليس بازياب ڪرائي 12 ڄڻا پڪڙي ورتا

مقصودو رند: مقصودو رند لڳ ملا حرمت اسٽاپ تي 10 ڏينھن اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ حسين علي کوسو ۽ ثمينه کوسو کي ٽن ڪارن ۾ سوار 12 جوابدارن اغوا ڪري ورتو، ناري جي رڙين تي ملا حرمت چيڪ پوسٽ جي اهلڪارن جوڙي جو پيڇو ڪندي درياءَ خان رند ايٽ مقصودو رند ٿاڻي کي اطلاع ڪيو، جنھن تي ڳوٺ ٻاجھي رند پوليس چيڪ پوسٽ جي اهلڪارن ناڪابندي ڪري جوڙي کي بازياب ڪرائي ورتو. پوليس ناري جي مائٽن ڄام کوسو، ارباب کوسو، پنھل کوسو ۽ وارث سميت 12 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ان موقعي تي پسند جو پرڻو ڪندڙ ثمينه کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون خوشي سان حسين علي کوسو سان پيار جو پرڻو ڪيو آھي، جنھن تي منھنجا مائٽ ڄام، ارباب، الھبخش، وارث ۽ ٻيا جان جا ويري ٿي پيا آهن، اسان نوابشاھه عدالت مان پيشي بعد ڳوٺ وڃي رھيا ھئاسين ته ھنن اغوا ڪري ڌمڪيون ڏنيون. ھن گهر ڪئي ته مائٽن کي سزا ڏئي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ياد رهي ته ثمينه جو تعلق شھدادپور ڀرسان باقر موري ۽ نوجوان حسين علي کوسو جو تعلق سن شھر سان ٻڌايو پيو وڃي. ٻئي طرف دريا خان رند ايٽ مقصودو رند پوليس ۽ شاھپور چاڪر پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جي مائٽ جوابدارن کي گرفتار ڪري جوڙي کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. جوابدارن ۽ جوڙي کي اڄ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button