پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

حڪومت بجلي في يونٽ 4 رپيا 74 پيسا مهانگي ڪري ڇڏي،60 ارب اضافي اوڳاڙيا ويندا

اسلام آباد:وفاقي حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) في يونٽ بجلي 4 رپيا 74 پيسا مهانگي ڪري ڇڏي آهي. بجلي آڪٽوبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت مهانگي ڪئي وئي آهي. بجلي جون قيمتون وڌڻ سان عوام تي 60 ارب رپين جو اضافي بار پوندو، اهي پئسا بجلي صارفين مان اوڳاڙيا ويندا. نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته واهپيدار کان واڌ ڊسمبر جي بجلي بلن ۾ وصول ڪئي ويندي. نوٽيفڪيشن موجب نيون قيمتون لائيف لائين واهپيدارن ۽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه ٿينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button