پاڪستانسنڌ

سنڌ هائي ڪورٽ گمشده ماڻهن جي بازيابي لا پوليس کي وڌيڪ هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيلن جي آزادي لاءِ درخواستن جي شنوائي دوران پوليس کي گم ٿيلن جي آزادي لاءِ وڌيڪ هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل 7 ڄڻن جي آزادي لاءِ درخواستن تي شنوائي ٿي، عدالت پوليس کي هڪ مهيني جي مهلت ڏيندي چيو ته گم ٿيلن کي آزاد ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏنا ته گهڻي وقت کان گم ٿيلن جي آزادي لاءِ قدم کڻڻ ضروري آهي. پوليس رپورٽ جمع ڪرائيندي ٻڌايو ته شهري عبدالقادر، مهيول، عثمان، سليم الدين، وسيم، عزيز الحسن ۽ محمد فاروق جي آزادي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، مختلف ادارن کي خط لکيا آهن، جن تي جواب اچڻا آهن.

رپورٽ ۾ پوليس ٻڌايو ته صوبائي ٽاسڪ فورس، جي آءِ ٽيز جا اجلاس به ٿي رهيا آهن، شهرين جي آزادي لاءِ مهلت ڏني وڃي. جنهن بعد عدالت پوليس کي گم ٿيلن جي آزادي لاءِ وڌيڪ هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button