پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ ڌرڻو جاري، تحريڪ انصاف جا ٿر جي ٻين شهرن ۾ به ڌرڻا

مٺي/ ڪلوئي: مٺي ۾ انتقامي ڪاررواين ۽ پوليس جي زيادتين خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جو ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو. مٺي بعد ٿرپارڪر ضلعي جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ارباب حامين مظاهرا شروع ڪري ڇڏيا. ان سلسلي ۾ تحريڪ انصاف ارباب گروپ جي حامين ۽ ڪارڪنن جو ارباب غلام رحيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڦانگاريو اسٽاپ وٽ ڌرڻو جاري آهي. ڪارڪنن ۽ حامين احتجاج جي ٻئي ڏينهن مختلف رستن تي پيلوڙو اسٽاپ، ونگو موڙ، ڀوڄاسر، گل موري ۽ ڏيپلو جي مختلف هنڌن تي ننڍا ننڍا ڌار ڌرڻا هڻي انتظاميا جا ٽرانسپورٽ کي ڏنل متبادل رستا به رڪاوٽن سان بند ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري سوين گاڏيون قطارن جي شڪل ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بيٺل آھن، ٽرانسپورٽ توڙي مسافر سخت ٿڏ ۾ ڦاٿل آھن. مٺي، ڏيپلو ۽ ڪلوئي شهرن جو سنڌ سان زميني رابطو ڪٽيل آھي، اهڙي صورتحال باوجود ضلعي انتظاميا ۽ پوليس غائب ۽ لاتعلق بڻيل نظر اچي ٿي. ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻھن کي مختلف رستن تي رڪاوٽون وجهي روڊ بند ڪرڻ لا منتقل ڪرڻ سبب مٺي واري ڌرڻي ۾ پهرين ڏينهن کان ماڻھن جو گهٽجي ويو آھي، هزارن جي انگ وارو ڌرڻو سون تائين محدود ٿي ويو آھي. ڌرڻي ۾ وزيراعظم جو خاص معاون ارباب غلام رحيم هڪ دفعو ٻيهر شام ڌاري پهتو ۽ ڌرڻي کي خطاب بعد ڪراچي روانو ٿي ويو. ان اڳ احتجاج جي ٻئي ڏهاڙي ڌرڻي جي اڳواڻي اڳوڻي ضلعي ناظم ارباب انور جبار، ارباب ظفر الله، ارباب ابراهيم، ارباب خانصاب توڳاچي، ارباب عمران، ارباب ذوالفقار، دوست محمد ميمڻ، قمرالدين راهمون، دلاور خان مالڪاڻي، وڪيل لجپت سوراڻي ۽ ٻيا اڳواڻ ڪري رهيا هئا. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار ۽ سندس ڪمدار ٿر پوليس جا آفيسر ايس ايس پي ۽ ٻيا عوام دشمن ۽ ونگاري آھي، انهن جي معطلي ۽ ڪوڙن ڪيسن جي شفاف جاچ تائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو. وزيراعظم جي خاص معاون ارباب غلام رحيم ڌرڻي جي ٻئي ڏينهن خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ضلعي انتظاميا ڳالهين جي آڇ ڪئي، پر اسان رد ڪئي، ضلعي انتظاميا جي ڪا حيثيت ناهي، اها عوام سان ظلم ۾ برابر جي شريڪ آھي، ڪمشنر ميرپورخاص سٺو ماڻھو آهي، اهو ذميوارن خلاف ڪارروائي ۽ شفاف جاچ جي خاطري ڪرائيندو ته ان سان ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. هن چيو ته آ جي سنڌ کي هٽرائڻ لا وزيراعظم سان ڳالهائيندس، اهڙا آ جي ۽ سردار نيازي جهڙا ونگاري پوليس آفيسر هوندا ته عوام عتاب ۽ پوليس گردي جو شڪار ٿيندو رهندو. سنڌ ۾ پوليس گردي ذريعي عوام ۽ سياسي مخالفن کي هيسايو ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي، جيڪو سلسلو هلڻ نه ڏينداسين. 18 هين ترميم فيڊريشن جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آھي، اختيار صوبن حوالي ٿيڻ بعد انتظامي اقرباپروري ۽ زيادتيون وڌيون آھن، صوبن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي، ڌرڻي جي ايندڙ حڪمت عملي جو فيصلو احتجاج ڪندڙ عوام تي ئي ڇڏيو آھي، آئون عوام سان گڏ بيٺو رهندس، وزيراعظم سان سڀاڻي ملاقات رٿيل آھي، کيس صورتحال کان واٽس اپ تي آگاهه ڪري چڪو آھيان ۽ روبرو ٿي ٿري عوام جو ڀرپور نموني ڪيس رکندس ۽ ونگاري پوليس آفيسرن کي گهر ڀيڙو ڪرائي عوام جي ڇوٽڪاري لا ڪردار ادا ڪندس. هوڏانهن پيلوڙي اسٽاپ ۽ ڀوڄاڪر سميت مين ٿر ڪول روڊ ونگو تي ڌرڻن جي اڳواڻي ارباب گروپ اڳواڻ بلاول هالو، اسماعيل هالو، هاشم هالو، ربڏنو هالو، انعام راهمون ۽ ٻيا ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button