بلوچستانپاڪستان

گوادر ۾ رياست مخالف تقرير جي الزام ۾ يوسف مستي گرفتار

گوادر:گوادر ۾ حق ڏيو تحريڪ جي ڌرڻي ۾ رياست مخالف تقرير جي الزام ۾ پوليس پيپلز ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ يوسف مستي ان کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس حق ڏيو تحريڪ جي سربراهه مولانا هدايت الرحمان خلاف به مختلف قلمن تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. پوليس موجب پيپلز ورڪرز پارٽي سربراهه ۽ بزرگ سياستدان يوسف مستي خان گذريل ڏينهن حق ڏيو تحريڪ جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن سان خطاب ڪيو هو. گوادر پوليس رياست مخالف تقرير جي الزام ۾ يوسف مستي خان ۽ مولانا هدايت الرحمان خلاف ڪيس داخل ڪري يوسف مستي خان کي گرفتار ڪري ورتو. يوسف مستي خان کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ کيس هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button