پاڪستانسنڌ

سيالڪوٽ سانحي تي وفاقي وزير جي غير ذميوار بيان جي مذمت ڪريون ٿا: شازيا مري

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه عطا مري چيو آهي ته ملڪ جون حالتون ڏينهون ڏينهن مشڪل ٿينديون پيون وڃن. سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري جي قتل پاڪستانين کي شرمسار ڪري ڇڏيو آهي. اسان ان واقعي تي سخت ڏکايل آهيون ۽ ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. سيالڪوٽ سانحي تي وفاقي ڪابينا جي سينيئر وزير غير ذميواراڻو بيان ڏنو، سندس بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. جيڪڏهن اها ذهنيت پاڪستان ۾ رهي ته پاڪستان کي نقصان ٿيندو. هاڻي ان ٽولي کي گهر وڃڻو آهي.

هن چيو ته عمران نيازي 126 ڏينهن جو ڌرڻو هنيو هو ۽ هو ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جون رپورٽون لهرائيندو هو. عمران نيازي کي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي اڄوڪي رپورٽ به ڏسڻ گهرجي ڇو ته رپورٽ موجب ماڻهو ائين چون ٿا ته گذريل ٽن حڪومتن جي ڀيٽ ۾ ملڪ ۾ مهانگائي وقت جي بلند ترين سطح تي آهي، 85 سيڪڙو آبادي وفاقي حڪومت جي خود احتسابي کان غير مطمئن آهي ۽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي 66 ڏهائي 8 سيڪڙو پاڪستانين جو خيال آهي ته موجوده پي ٽي آءِ حڪومت جي احتساب مهم هڪ طرفي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڪلفٽن ڪراچي ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.

شازيه مري چيو ته حڪومت جو نعرو منافقت آهي، چيئرمين نيب ٻن سالن کان 821 ارب رپين جي رڪوري ثابت نه ڪري سگهيو، هو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي آڏو پيش ناهي ٿيندو، جڏهن ته پي اي سي سندس گرفتاري جو حڪم ڏيندي ته هو وڃي پيش ٿيندو آهي. پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه کي ٻن سالن کان جيل ۾ قيد رکيو ويو پر هڪ رپيو به وصولي جا ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، سپريم ڪورٽ به نيب جي احتساب کي هڪ طرفو قرار ڏئي چڪي آهي. نيب کي پوليٽيڪل انجنيئرنگ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته هاڻي عمران خان جو امتحان آهي ته هو ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ کي سمجهي ٿو يا نه، جنهن موجب 93 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ آهي ته گذريل ٽن حڪومتن جي ڀيٽ ۾ اڄ مهانگائي سڀ کان وڌيڪ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button