اسلام آبادپاڪستان

اسان آمريڪا ۽ چين وچ ۾ سرد جنگ جو حصو نه بڻجنداسين:عمران خان

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان آمريڪا ۽ چين وچ ۾ ڪولڊ وار ۽ نه ڪنهن بلاڪ جو حصو بڻجڻ چاهيون ٿا، تڪرار جو حل چاهيون ٿا. ميڊيا پروگرامن ۾ ماڻهو بنا ڄاڻ جي ڳالهائي عوام کي گمراهه ڪن ٿا. ٻاهران به پروپئگنڊا ڪئي ويندي آهي ته پاڪستان خطرناڪ ترين ملڪ آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پرامن ڏکڻ ايشيا جي موضوع تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٽي وي پروگرامن ۾ ماڻهن کي خبر ناهي هوندي پوءِ به ڳالهائيندا ويندا آهن، عوام کي گمراهه به ڪندا آهن، جنهن سان ملڪ اندر اتحاد پيدا ناهي ٿيندو ۽ قومي مفاد جي به خبر ناهي پوندي. هن چيو ته انساني بنيادن تي افغانستان جي مدد ڪرڻ گهرجي، افغانستان جا منجمد اثاثا بحال ڪيا وڃن، مسئلي کي نظرانداز ڪيو ويو ته خطرناڪ بحران جنم وٺي سگهي ٿو، افغانستان ۾ انساني بحران جو خدشو آهي ۽ صورتحال پريشان ڪندڙ آهي. سندس چوڻ هو ته آر ايس ايس جي هوندي ڀارت کي ڪنهن دشمن جي ضرورت ناهي، اميد ته ڀارت ۾ اهڙي حڪومت ايندي، جنهن سان اسان ڳالهيون ڪنداسين، ڳالهين ذريعي مسئلا حل ٿيڻ گهرجن، ڪشمير مسئلي سڄي ڏکڻ ايشيا کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا ٻيهر ڪولڊ وار ڏانهن وڃي رهي آهي ۽ بلاڪ ٺهي رهيا آهن، ان کي روڪڻ لاءِ پاڪستان کي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اسان آمريڪا ۽ چين وچ ۾ ڪولڊ وار ۽ نه ڪنهن بلاڪ جو حصو بڻجڻ چاهيون ٿا، تڪرار جو حل چاهيون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button