اسلام آبادپاڪستان

سنڌ صوبو صحت ۽ راشن ڪارڊ جي سهولت کان محروم رهندو:فواد چوڌري

اسلام آباد :سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سنڌ ۾ اٽو مهانگو ملي رهيو آهي، پ پ حڪومت جي پاليسين جو نقصان عوام کي ٿي رهيو آهي. سنڌ تي مڙهيل حڪومت ايڏي سنڌ مخالف ڇو آهي؟ اسلام آباد ۾ فوڊ سيڪيورٽي بابت وفاقي وزير فخر امام سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري صحت ۽ راشن ڪارڊ بابت ٻڌايو ته 50 هزار کان گهٽ آمدني وارن کي 30 سيڪڙو رليف ملندو پر سنڌ ان سهولت کان محروم رهندي. صوبائي حڪومت کي پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پ پ ۽ ن ليگ جي اندر جي ويڙهه ختم ئي نه پئي ٿئي، اپوزيشن واريءَ جي ڀت آهي، اها ٿڪل پهلوان آهن، جيڪي پنهنجي پيرن تي نٿا بيهي سگهن. سندس چوڻ هو ته حڪومت جي ساک تي ماڻهن جو اعتماد وڌي رهيو آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي سروي ۾ چيو ويو ته پهريون ڀيرو ڪنهن سياسي حڪومت تي ڪرپشن جو ڪو شڪ ناهي، پاڪستان ۾ اهڙو وزيراعظم آهي، جنهن تي مخالف به يقين رکن ٿا، 89 سيڪڙو ماڻهن ڪرونا وبا دوران حڪومتي ڪارڪردگي تي اعتماد جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button