پاڪستانسنڌ

شادي لارج ۾ سينيئر صحافي هلڻ ڦرڻ کان لاچار، ڪنهن مدد نه ڪئي

ڪلوئي: شادي لارج پريس ڪلب جو سرپرست اعلى ۽ صحافت کي زندگي جا 30 سال ارپيندڙ سينيئر صحافي غلام رسول بروھي بيروزگاري ۽ مفلسي سبب گھڻو عرصو بيمار رهڻ بعد آخرڪار ھلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي پيو آهي. سندس ھڪ نياڻي گذريل 10 ورھين کان دل، گردن، معدي ۽ دماغي فالج ۾ مبتلا آھي. هوڏانهن بدين، شادي لارج ۽ ڪلوئي جي صحافين پهچي بيمار صحافي غلام رسول بروھي جي عيادت ڪئي، جن سان ڳالھائيندي غلام رسول بروهي چيو ته ٻوڏ ۽ ڏڪار توڙي ھرحال ۾ 30 سال پنھنجي صحافتي اسٽيشن شادي لارج کي ڇڏي ڪيڏانھن نه ويس، بنا معاوضي صحافت ذريعي قلمي خدمت ڪندو رھيس، صحافت کي عظيم پيشو سمجھي سرڪاري نوڪري نه ورتي، مزدوري ۽ پورھيو ڪري ايگريڪلچر پرائيويٽ پيسٽي سائيڊ ڪمپنين ۾ ڪم ڪري پنھنجي صحافت کي ھلائيندو رھيس. ھن ٻڌايو ته 1982ع ۾ رھڻ لا گھر جو ھڪ ڪمرو ٺھرايو ھو، جنهن ۾ اڄ تائين خاندان جا 10 ڀاتي رھون ٿا،2 وڏا پٽ ھڪ نذير احمد انٽر پاس ۽ ٻيو نادر حسين مئٽرڪ پاس بيروزگار آھن، غربت سبب اولاد جون شاديون ڪرائڻ کان به قاصر آھيان. بک، بدحالي، بيروزگاري، بيماري، مفلسي ۽ سماج توڙي رياست جي ناانصافين باوجود پنھنجي ڌرتي نه ڇڏيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button