پاڪستانسنڌ

اوميڪرون شڪي ڪيس جي جينومڪ اسٽڊي جاري آهي: عذرا پيچوهو

ڪراچي: سنڌ جي صحت کاتي واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته ڪراچي ۾ اوميڪرون وائرس جي شڪي ڪيس جي جينومڪ اسٽڊي جاري آهي، 65 سالن جي عورت مريض ۾ وائرس جون علامتون ظاهر ٿيڻ سان لڳي پيو ته هي اوميڪرون آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اوميڪرون وائرس تيزي سان پکڙجي ٿو پر ان جي موت جي شرح گهٽ آهي، ڏکڻ آفريقا مان مليل رپورٽن موجب هن قسم جي وائرس سبب وڌيڪ فوتگين جي رپورٽون ناهن ٿيون.

هن چيو ته جينومڪ اسٽڊي جا نتيجا اچڻ ۾ 2 هفتا لڳي سگهن ٿا، ڪنهن به قسم جي وائرس کان بچڻ جو بهترين حل ويڪسينيشن ڪرائڻ آهي، ويڪسينيشن نه هجڻ سبب وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته اوميڪرون جي شڪي مريض ويڪسينيشن نه ڪرائي هئي، شهرين کي ٻنهي ويڪسينيشن کانپوءِ بوسٽر ڊوز لڳائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، ڪنهن به قسم جي بيماري کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرون ۽ ويڪسينيشن ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button