پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ اوميڪرون جو پهريون شڪي ڪيس ظاهر

ڪراچي: سڄي دنيا ۾ پکڙجندڙ ڪرونا جي خطرناڪ قسم اوميڪرون جو پهريون شڪي ڪيس پاڪستان ۾ به سامهون آيو آهي، سنڌ جي صحت کاتي موجب اومي ڪرون جو ڪيس ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ ظاهر ٿيو آهي، متاثر عورت پرڏيهه مان آئي آهي، جنهن جو ڪرونا وائرس مثبت آهي، متاثر عورت نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. سنڌ جي صحت کاتي جي عملدارن موجب متاثر عورت جي نجي اسپتال مان سفري تاريخ معلوم ڪئي پئي وڃي.

سنڌ جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته اوميڪرون ويريئنٽ ۾ مبتلا عورت جي عمر 65 سال آهي ۽ هن ڪرونا ويڪسينيشن نه ڪرائي هئي. صحت کاتي موجب اوميڪرون کان متاثر عورت اوڀر ضلعي جي رهواسڻ آهي، جنهن کي اسپتال مان گهر منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته متاثر عورت جي سفري تاريخ سامهون ناهي آئي. صحت کاتي موجب اوميڪرون جي شڪ ۾ عورت سميت 4 ڄڻن جا ٽيسٽ ڪيا ويا هئا ۽ چئن ڄڻن کي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، 2 ڄڻن ۾ ڪرونا جي تصديق ٿي چڪي آهي ۽ هڪ مريض جي نتيجي جو انتظار آهي.

صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ٻن ماڻهن کي گهر موڪليو ويو آهي ۽ ٻن جو اسپتال ۾ علاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته چئن مان هڪ ڄڻي جي ويڪسين ٿيل آهي. ٻئي طرف پارلياماني صحت واري سيڪريٽري قاسم سومرو چيو آهي ته جنهن فلائيٽ ۾ عورت آئي هئي، ان جي سمورن مسافرن جي به ٽيسٽ ڪئي ويندي، متاثر عورت جي سفري تاريخ معلوم ڪئي پئي وڃي، متاثر عورت جي مٽن مائٽن جو به ڪرونا ٽيسٽ ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button