سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڪنڊيارو واسي جوڙي جو تحفظ لا احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ ڪنڊيارو تعلقي جي ڳوٺ ڪيهر پور واسي پرڻو ڪندڙ جوڙي تحفظ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ناري فروا مڙس رضا عباس خشڪ سان گڏجي دانهيندي چيو ته ڪجھه وقت اڳ منهنجي وارثن سئوٽ رضا عباس خشڪ سان مڱڻي ڪئي پر ان باوجود منهنجو والد وحيد خشڪ، چاچو عجيب خشڪ ۽ ٻيا زبردستي ٻي هنڌ شادي ڪرائي رهيا هئا، جنهن ڪري گهران نڪري سئوٽ رضا عباس خشڪ سان شادي ڪئي آهي، پسند جي شادي بعد منهنجي وارثن حسن شهيد ٿاڻي تي مڙس ۽ سندس گهرڀاتين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن ۽ والد وحيد خشڪ، چاچو عجيب، مامو عامر، مامو فرمان خشڪ سميت ٻيا مائٽ قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جن مان جان جو خطرو آهي. هن چيف جسٽس، آءِ جي سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اسان کي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button