سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ رتوديرو واسين جو بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ رتوديرو تعلقي جي ڳوٺ واحد بخش آگاڻي واسين بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف زخمي نوجوان کي ساڻ ڪري پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي خادم حسين آگاڻي پيرسن ما منظور خاتون، ڀائرن محبت آگاڻي، منصور آگاڻي ۽ ٻين مائٽن سان گڏجي دانهيندي چيو ته 11 سال اڳ منهنجي والد محب آگاڻي بااثر پرويز آگاڻي کان هڪ لک عيوض جڳھه خريد ڪئي هئي، جنهن بعد پرويز آگاڻي دبئي هليو ويو، اسان کي هن جڳھه جي پڪي لکت نه ڪري ڏني، جڏهن 10 سالن بعد هو دبئي مان واپس آيو ته کيس جڳھه جي پڪي لکت لاءِ چيو پر هن انڪار ڪندي جڳھه واپس ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. گذريل 3 نومبر تي پرويز آگاڻي هٿياربند ساٿين سان گڏجي حملو ڪري ڀاءُ نصرالله آگاڻي کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس اسان ڪيٽي ممتاز ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي پر پوليس هڪ جوابدار سراج آگاڻي کي گرفتار ڪيو، باقي جوابدار آزاد گهمي رهيا آهن، جيڪي جڳھه خالي ڪرڻ سميت ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏئي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button