شوبز

رنوير سنگهه کي “83” جو 20 ڪروڙ رپيا معاوضو ڏنو ويو

ممبئي: ڊائريڪٽر ڪبير خان جي هدايتڪاري ۾ اڳوڻي ڪرڪيٽر ڪپل ديو جي زندگي تي ٺهندڙ فلم ۾ مک ڪردار نڀائيندڙ رنوير سنگهه ڪيترو معاوضو ورتو، ان جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. “بالي ووڊ هنگاما” ويب سائيٽ جي رپورٽ مطابق رنوير سنگهه بالي ووڊ جي تمام گهٽ عرصي ۾ وڌيڪ شهرت ماڻيندڙ فنڪارن جي لسٽ ۾ شامل آهي، سندس نئين ايندڙ فلم “83” جلد رليز ٿيڻ واري آهي. ويب سائيٽ پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته رنوير سنگهه فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ کيس ان جو معاوضو 20 ڪروڙ رپيا ادا ڪيو ويو آهي. رڳو اهو ئي نه پر فلم مان ٿيندڙ بزنس ۾ به اداڪار جو حصو هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button