پاڪستانسنڌشوبز

ميرل اسٽريپ کي ڏسي اداڪاري ڪرڻ جو شوق جاڳيو:اشنا شاهه

ڪراچي:داڪارا اشنا شاهه چيو آهي ته مون کي ميرل اسٽريپ کي ڏسي اداڪاري ڪرڻ جو شوق جاڳيو. عورتن جي ڪردارن جا ڪيئي رخ هوندا آهن، ان وٽ جذبن ۽ احساسن جي تمام وڏي رينج هوندي آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ منهنجي ما ۽ وڏي ڀيڻ به اداڪاري ڪنديون رهيون آهن. پر مون کي سپر اسٽار ميرل اسٽريپ متاثر ڪيو. هو هر دور جي بولڊ ۽ بهترين اداڪارا رهي آهي. هن جو 70 ۽ 80 واري ڏهاڪي ۾ اولين اداڪارائن ۾ شمار ٿيندو هو. هڪ انٽرويو ۾ اشنا شاهه جو چوڻ هو ته منهنجو ننڍپڻ ۽ زندگي جو گهڻو حصو ڪئنيڊا ۾ گذريو، ان کي ابتدا ۾ اردو ٺيڪ ڳالهائي نه پئي سگهيس. هيل تائين 20 کن ڪردار منفي ڪيا آهن. مون کي لباس، بيانن ۽ ڪردارن سبب سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪئي ويندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button