اسلام آبادپاڪستان

عمران جان ڇڏي،جيڪا ٿوري عزت بچي آهي،اها بچائي گهر وڃي:مريم نواز

اسلام آباد:نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان هاڻي عوام جي جان ڇڏي، جيڪا ٿوري عزت بچي آهي، اها بچائي گهر هليو وڃي. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته اهي ئي نيب وارا جيڪي روز شنوائي جون درخواستون ڏيندا هئا، هاڻي وقت گهري رهيا آهن. نيب وٽ رڳو ڪوڙ آهي، ڪو ثبوت ناهي، ان ڪري وقت گهري رهيا آهن. هن چيو منهنجو خيال آهي ته هاڻي ڪير پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ به تيار نه هوندو، منهنجي صلاح آهي ته تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ وٺندڙ تڪ ۾ هيلمٽ پائي وڃن، ڇاڪاڻ ته تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ خواري جو نشان آهي. سندس چوڻ هو ته هيءَ پهرين سٽنگ حڪومت آهي، جيڪا هڪ کانپوءِ هڪ ننڍي چونڊ هارائي رهي آهي. لاهور ۾ اهي منهن ڏيڻ جا به اهل نه هئا، ماڻهو ٿورو به عزت وارو هجي ته الله حافظ چئي هليو ويندو آهي. مريم نواز چيو ته حڪومت مهانگائي ڪري عوام جون زندگيون عذاب ڪري ڇڏيون، هنن کي پنهنجي گهر ڪي پي ۾ ايتري شرمناڪ شڪست ٿي آهي. هن جو چوڻ هو ته شهباز شريف اسان جي پارٽي جو صدر آهي ۽ سينيئر آهي، جڏهن وقت ايندو ته پارٽي فيصلو ڪندي. سمورن پارٽي جي اڳواڻن فيصلي جو اختيار نواز شريف کي ڏنو آهي، وقت ايندو ته پارٽي جي صلاح سان نواز شريف ئي فيصلو ڪندو. اسان شهباز شريف سان گڏ بيهنداسين ۽ ان جي حمايت ڪنداسين. هن چيو ته نواز شريف ڏيهه واپس اچڻ جي لاءِ بي چين آهي، هي نواز شريف جو ملڪ آهي، ان جي ئي مٽي آهي، هو ضرور واپس ايندو. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان کي خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊون کٽڻ تي مبارڪ ڏيان ٿي، مولانا صاحب جي فتح اسان جي فتح آهي. ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب پراسيڪيوٽر جي التوا جي درخواست منظور ڪندي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر جي اپيلن تي شنوائي 18 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اڱاري تي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر جي اپيلن تي شنوائي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني ڪئي. مريم نواز ڪئپٽن صفدر، جنيد صفدر ۽ پارٽي اڳواڻن سان عدالت ۾ پيش ٿي. جڏهن ته مريم نواز جو وڪيل عرفان قادر جڏهن ته نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي به عدالت ۾ پيش ٿيو. نيب جي وڪيل عثمان چيما پاران ايون فيلڊ ريفرنس ۾ التوا گهري وئي. درخواست ۾ چيو ويو ته گذريل رات کان سخت بخار ۽ لڱن ۾ سور آهي ۽ وات جو ذائڪو خراب آهي، علامتن سبب پاڻ کي ڪورنٽائن ڪري رهيو آهيان. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته پراسيڪيوٽر عثمان غني چيما جي طبيعت خراب آهي، انهيءَ ڪري عدالت پيش ناهي ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button