شوبز

مشهور جاپاني اداڪاره 22 هين ماڙ تان ڪري فوت

ساپورو: مشهور جاپاني اداڪاره ۽ گلوڪاره ساياڪا ڪانڊا مٿاهين کان ڪري فوت ٿي وئي آهي. بين الاقوامي ميڊيا مطابق 35 ورهين جي اداڪاره ساياڪا ڏاکڻي جاپاني ٻيٽ هوڪائيدو جي راڄڌاني ساپورو جي هڪ هوٽل جي 22 هين ماڙ تي ترسيل هئي جتي اهو حادثو پيش آيو. اداڪاره ساياڪا ڪانڊا هوٽل جي ٻاهران بيوشي جي حالت ۾ رت ۾ ڀريل هئي. ٻڌايو پيو وڃي ته ساياڪا جو ڪمرو هوٽل جي 22 هين ماڙ تي هو ۽ هو اتان ڪري پئي. اداڪاره کي فوري طور تي اسپتال نيو ويو پر بچي نه سگهي. پوليس ان معاملي جي امڪاني آپگهات جي ڪيس طور تي جاچ ڪري رهي آهي پر ان ۾ سازش جي عنصر کي به رد نٿو ڪري سگهجي. جڏهن ته اداڪاره جي دوستن جو چوڻ آهي ته ساياڪا خودڪشي نه ٿي ڪري سگهي. واضح رهي ته اداڪاره ۽ گلوڪاره ساياڪا ڪانڊا ڊزني جي اينيمٽڊ فلم “فروزن” جي جاپاني ڊب ورزن ۾ فلم جي مشهور ڪردار اينا جي وائيس اوور لا مشهور هئي ۽ اٽڪل 20 سالن جي عمر کان شوبز جي دنيا سان لاڳاپيل هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button