اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف جي غلطين جي ڪري جمعيت علما اسلام کٽي وئي:فواد چوڌري

اسلام آباد :سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اسان جي غلطين جي ڪري هڪ اهڙي پارٽي ڪامياب ٿي آهي، جنهن کي ختم ٿيڻ گهرجي ها. تحريڪ لبيڪ ۽ جي يو آ اقتدار ۾ آيون ته ملڪ وڌيڪ هيٺ هليو ويندو. جي يو آ مذهبي شدت پسند پارٽي آهي. زرداري جي ڳالهه ٻولهه مان لڳي ٿو ته هن جي ڊيل ناهي ٿي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته مذهبي طور پرتشدد پسند ماڻهن کي اقتدار ملڻ درست ناهي. فضل الرحمان کي اقتدار ملڻ بدنصيبي آهي، وڏي بدقسمتي آهي جو اسان جي غلطين جي ڪري هڪ اهڙي پارٽي ڪامياب ٿي آهي، جنهن کي ختم ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته هڪ تڪ ۾ پارٽي جا 3 کان 4 ماڻهو چونڊ وڙهندا ته پوءِ ضرور هارائيندا. رڳو تحريڪ انصاف ئي ملڪي سطح جي پارٽي آهي، ٻيون ته لوڪل پارٽيون آهن. پي ٽي آءِ نه هوندي ته ملڪ ۾ ڪا به قومي پارٽي نه هوندي. هن چيو ته خيبر پختونخوا ۾ جي يو آءِ جي چونڊ کٽڻ تي مايوسي ٿي، ان ڪاميابي جو مطلب آهي ته ملڪ ۾ سڀ ڪجهه درست ناهي. اڳوڻي صدر آصف زرداري جي بيان تي فواد چوڌري چيو ته آصف زرداري جي ڳالهين مان مايوسي نظر آئي، زرداري صاحب جي به خواهش پوري نه ٿي. هنن کي ڊيل جي بوءِ اچي ته سڀ پالش کڻي پهچي ويندا آهن، اهي سڀ ان ئي پگهار تي ڪم ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته او آ سي جو معمول جو اجلاس مارچ مهيني ۾ پاڪستان ۾ ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button