پاڪستانسنڌ

رت جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر طاهر شمسي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي : پاڪستان جي ناليواري رت جي مرضن جو ماهر ڊاڪٽر طاهر شمسي لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جو مڙهه ڪراچي ۾ دفنايو ويو آهي. ڊاڪٽر طاهر شمسي کي ڪجهه ڏينهن اڳ برين هيمرج ٿيو هو، جنهن کان پوءِ هو خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. گذريل ڏينهن سندس آپريشن ٿيو هو، جنهن کان پوءِ کيس آئي سي يو ۾ وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو، جتي هو اڱاري جي صبح 7 لڳي 20 منٽن تي دم ڌڻي حوالي ڪيو. ڊاڪٽر طاهر شمسي جي جنازي نماز ٽيپو سلطان روڊ تي نجم مسجد ۾ ظهر نماز کان پوءِ پڙهي وئي. مرحوم جي جنازي نماز ۾ ڊاڪٽر عبدالباري، ڊاڪٽر قيصر سجاد، پي اين اي پيما، جماعت اسلامي جو اڳواڻ حافظ نعيم، محمد حسين محنتي، ڊاڪٽرن ۽ سندس مٽن مائٽن دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. کيس آر سي ڊي هاءِ وي وٽ يوسف پورا قبرستان ۾ دفنايو ويو. ڊاڪٽر طاهر شمسي پاڪستان ۾ بون ميرو ٽرانسپلانٽ جو ماهر ڊاڪٽر ۽ رت جي مرضن جي مستند اداري نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بلڊ ڊزيز (اين آئي بي ڊي) جي سربراهه کان علاوه اسٽيم سيلز پروگرام جو ڊائريڪٽر هو. پاڪستان ۾ 1996 ۾ بون ميرو ٽرانسپلانٽ ڪرائڻ جو ڪريڊٽ ڊاڪٽر طاهر شمسي ڏانهن وڃي ٿو، جنهن اهڙِ قسم جا 650 ٽرانسپلانٽ ڪيا ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ تحقيقي مقالا لکيا. سال 2011 ۾ هن رت جي بيمارين جي علاج لاءِ اين آئي بي ڊي جو بنياد رکيو. ڊاڪٽر طاهر شمسي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان گريجوئيشن کان پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ برطانيا ويو ۽ هيماٽولوجي ۾ اسپيشلائزيشن ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button