پاڪستانسنڌ

سنڌڙي ۾ گرهوڙ جي ماستري ٽيسٽ پاس اميدوارن جو احتجاج

سنڌڙي: سنڌڙي تعلقي جي يوسي گرھوڙ شريف جي آ بي اي پاس استادن ديدار حسين مڱريو، غلام رسول مڱريو، عمرالدين نھڙي، گلزار وڄلو ۽ اسد مڱريو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سنڌڙي اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته تعليم کاتي جو ٻٽو معيار منظور ناهي، اسان سان گڏ يوسي کاھي، پٿورو ۽ ٻين يوسيز کي ھارڊ ايريا قرار ڏئي اميدوارن کي 33مارڪن تي پاس ڪري آفر آرڊر ڏنا پيا وڃن، اسان جي يوسي تي 55 مارڪن تي پاس وارو شرط اسان جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ برابر آھي، 20 ھزار جي آبادي واري يوسي ۾ صرف 4 يا 5 اسڪول ھلن پيا، مقامي اميدوارن کي فيل ڪري گلن جھڙن ٻارن کي تعليم جھڙي زيور کان محروم رکڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ھنن تعليم کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته اسان جي يوسي کي ھارڊ ۾ شامل ڪري آفر آرڊر ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button