پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ بااثرن خلاف ڪلوئي واسين جو مظاهرو

ميرپورخاص: ڪلوئي جي ڳوٺ چانداڻو ڪولھي جي رهواسي ڪولھي برادري جي مردن، عورتن ۽ ٻارن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي بااثرن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. صحافين سان ڳالهائيندي سماجي اڳواڻ ڀورو مل ڪولهي، ھيرو، ڪملا ٻائي، پارو ڪولھي، گومي ۽ ٻين چيو ته علائقي جا بااثر ۽ اوباش ماڻهو عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ تان منع ڪرڻ تي مڇرجي پيا. بااثر رتنو ڪولھي، مالو، چنديو، والجي، ناگجي ۽ ويرجي ڪولهي حراسان ڪن پيا. اسان جي گذرڻ جي گس کي بند ڪرڻ سميت شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي گھر جي گھٽي تي اچي گارگند ڪن ٿا، اھڙي شڪايت پوليس کي ڏني، پر بااثرن کي سياسي ماڻهن جو آشيرواد حاصل ھجڻ سبب پوليس ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. بااثر نياڻين کي اغوا ڪرڻ، گھرن کي باھيون ڏئي ساڙڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، خوف سبب گھران نڪري ميرپورخاص پھتا آھيون. متاثرن ڊي آ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر کي اپيل ڪئي ته بااثرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سندن زيادتين مان نجات ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button