پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ آپريشن، دڪان ۽ هوٽلون ڊاهي پٽ

ڇاڇرو: ڇاڇري شھر ۾ مبارڪ رند تي روڊ جي چارن ئي طرفن، سازدا ۽ پبلڪ هيلٿ جي زمين تي قائم ڪيل اڏاوتون خلاف آپريشن شروع ٿي ويو. اي سي علي حيدر شيخ ۽ مختيارڪار سالم سميجو جي اڳواڻي ۾ پوليس سان گڏ عملي هيوي مشينري ذريعي ڪيترائي دڪان، هوٽلون ۽ ڇپرا ڊائي پٽ ڪيا. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر علي حيدر شيخ ۽ مختيارڪار سالم سميجو جو چوڻ هو ته وڌيڪ ٽي ڏينهن تائين آپريشن جاري رھندو، سپريم ڪورٽ پاران حڪم جاري ڪيو ويو آهي ته سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن. ھنن وارننگ ڏيندي چيو ته غيرقانوني جايون پنهنجن ھٿن سان پٽي وٺو، نه ته اسان ھيوي مشينري سان بلڊوز ڪري ڇڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button