اسلام آبادپاڪستان

پختونخوا حڪومت کي زلزلي متاثر اسڪول 6 مهينن ۾ ٺاهڻ جو حڪم

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ خيبر پختونخوا حڪومت کي 2008 ۾ آيل زلزلي سبب متاثر اسڪولن جي تعمير 6 مهينن ۾ مڪمل ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته متاثر اسڪولن جي تعمير مڪمل ٿيڻ جي رپورٽ پيش نه ڪئي وئي ته توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ سال 2005 جي زلزلي سان خيبرپختونخوا جي متاثر علائقن ۾ اسڪولن جي تعمير نه ٿيڻ تي پاڻمرادو نوٽيس جي شنوائي ڪئي. خيبرپختونخوا حڪومت جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم کان پوءِ زلزلي متاثر 2024 اسڪولن جي 70 سيڪڙو اڏاوت مڪمل ٿي چڪي آهي. وڪيل چيو ته عدالت آگسٽ ۾ خيبرپختونخوا ۾ زلزلي متاثر اسڪولن ۾ اڏاوت لاءِ وقت ڏنو هو. جڏهن ته خيبرپختونخوا جي اترين ضلعن ۾ سياري جي موسم دوران اڏاوتي ڪم مڪمل طور تي بند رهي ٿو. چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ايئن لڳي ٿو ته زلزلي متاثر اسڪول هميشه تعمير هيٺ ئي رهندا. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته هڪ ڊيڊ لائين ٻڌايو، ڪيستائين سمورن اسڪولن جي اڏاوت مڪمل ٿي فعال ٿي ويندا. جنهن تي خيبرپختونخوا حڪومت اپيل ڪئي ته اسڪولن جي اڏاوت مڪمل ڪرڻ لاءِ مارچ کان پو ٻن مهينن جو وقت ڏنو وڃي. عدالت ڪي پي حڪومت کي اسڪولن جي اڏاوت مڪمل ڪري 6 مهينن ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ چتاءُ ڏنو ته اسڪولن جي اڏاوت مڪمل ڪرڻ بابت رپورٽ پيش نه ڪئي وئي ته توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي، جنهن کان پوءِ عدالت ارٿ ڪوئڪ ري ڪنسٽريڪشن اينڊ ري هيبليٽيسن اٿارٽي (ايرا) جي چيئرمين کي ايندڙ شنوائي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي شنوائي 6 مهينن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button