شوبز

حريم شاهه جي پ پ اڳواڻ بلال شاهه سان شادي جي دعوا

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) پاڪستان جي تڪراري ٽاڪ ٽاڪر حريم شاهه جي پ پ اڳواڻ بلال شاهه سان شادي جي دعوا ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق حريم شاهه جي مڙس جي نالي بابت نئين دعوا سامهون آڻي هڪ نئون بحث شروع ڪرائي ڇڏيو آهي. جڏهن تھ خانگي ٽي وي سان ڳالهين ۾ حريم شاهه مڙس جي اڳواٽ پرڻيل هجڻ ۽ سندس ايم پي اي هجڻ واري دعوا تان بھ ڦري وئي آهي. حريم شاهه جو چوڻ آهي تھ منهنجو مڙس پ پ اڳواڻ بلال شاهه آهي، هو آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ويجو بھ آهي. هن چيو تھ مون مڙس جي پرڻيل ۽ ايم پي اي هجڻ واري ڳالهه ۾ مسخري طور ڪئي. حريم شاهه مڙس جون تصويرون آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ شيئر ڪيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button