پاڪستان

اوٻاوڙو ۾ رهواسين جو زيادتي ۽ حملي خلاف مظاهرو

اوٻاوڙو (ن، سنڌ ايڪسپريس) اوٻاوڙو مسلم ڪالوني جي رهواسين زيادتي ۽ حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف نيشنل پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي عورت دانهيو ته ٽن ڄڻن 3 سال اڳ مون کي اغوا ڪيو، اهي مون سان اجتماعي زيادتي ڪندا هئا، جتان ڪجھه مهينا اڳ وجهه وٺي فرار ٿي پنهنجي پيءُ جي گهر پهتيس ته جوابدارن ٻيهر حملو ڪري مونکي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران مزاحمت تي جوابدارن منهنجي چاچي کي ڌڪ هنيا، جنهن ڪري هن جي ٻانهن ڀڄي پئي، جنهن کانپوءِ اسان اوٻاوڙو ٿاڻي تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. جوابدار اسان کي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ بااثر وڏيرن کان ڌمڪيون ڏياري رھيا آھن. جوابدار بااثر آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button