پاڪستان

پير وسڻ ۾ دڪاندار حملي ۾ زخمي،سوين ماڻهن جو مظاهرو

پير وسڻ (ن، سنڌ ايڪسپريس) پير وسڻ ۾ ڪريانا اسٽور مالڪ بخت علي مجيداڻو سان پئسن جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ مٿس ڏنڊن ۽ سروٽن سان حملو ڪري کيس زخمي ڪري جوابدار فرار ٿي ويا. اھڙي اطلاع تي پوليس پُھچي زخمي کي ليٽر ڏئي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جنھن بعد 5 جوابدارن عبدالڪريم عامر، نديم عامر، ذيشان عامر، شان عامر خلاف اين سي داخل ڪئي وئي. هوڏانهن زخمي دوڪاندار جي وارثن پيراڻو مجيداڻو، دان مجيداڻو، محرم علي مجيداڻو، لعل بخش، بخش علي، غلام قاسم مجيداڻو، امداد علي، رحيم اسلم مجيداڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن مھراڻ ھاءِ وي روڊ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي هنن چيو ته اسان جي نوجوان بخت مجيداڻو تي بي گناهه حملو ڪري کيس شديد زخمي ڪري دڪان تي فائرنگ ڪئي وئي پر پوليس بااثر جوابدارن کان رشوت وٺي جوابدار گرفتار نٿي ڪري. ھنن مطالبو ڪيو ته بخت مجيداڻو مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button