پاڪستانسنڌ

ها ڪورٽ حيدرآباد مان گم نوجوان جي بازيابي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽنڊو آغا مان پراسرار طور گم ٿيل نوجوان کي 10 ڏينهن اندر بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪنيز بانو وڪيل معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ته پٽ سجاد هاليپوٽو کي 4 جولاءِ 2021ع تي اڻڄاتل ماڻهو گهران سڏي پاڻ سان گڏ وٺي ويا، جنهن جو ٻه مهينا گذرڻ باوجود ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. عدالت ڊي ايس پي ڦليلي ۽ جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته توهان هن وقت تائين نوجوان جي ڳولا لاءِ ڪهڙا اپاءُ ورتا؟ جنهن بعد هنن عدالت کي آگاهي ڏني ته نوجوان جي فون جو سمورو رڪارڊ هٿ ڪري شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي پڇاڳاڇا ڪئي آهي، جنهن کان پو گم ٿيل نوجوان کي بازياب ڪرائي 5 آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button