پاڪستانپنجاب

پي ڊي ايماھم رازخاطرگوڏا کوڙي ڇڏيا

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۾ شامل سڀ کانمکيہ پارٽي پاڪستان مسلم ليگ (نواز گروپ) جنھن کي عام طور نواز ليگ بہ ڪوٺيو ويندو آھي تنھنجي  جي ھڪ اھم اڳواڻ تازو پي ڊي ايم جي اصل تباھيءَ جو راز ”ڊڪليئر“ ڪري ڇڏيو آھي. منھنجي اڳ بہ اھا ذاتي ڇنڊڇاڻ ھئي تہ پي ڊي ايم جنھن پنھنجي مکيہ مقصد لاءِ،پنھنجو وجود برپا ڪيو تنھن کي حاصل ڪرڻ کان اڳ ئي، پنھنجي جدوجھد کي عملي طرح روڪي ڇڏيو آھي ۽ ائين لڳي ٿو تہ ھاڻي پي ڊي ايم جو وجود رڳو بيان جاري ڪرڻ تائين ٽڪيل آھي.پوءِ بہ ڏيکاءَ ۽ عوام کي دوکو ڏيڻ لاءِ، رڳو ايڪڙ ٻيڪڙ گڏجاڻيون ڪري رھياآھن، ٻيو مڙوئي خيرآھي.

بھرحال، انھيءَ ناٽڪ جو ڳُوڙھو جائزو وٺون ٿا تہ جيئن صورتحال کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. پوءِ، نواز ليگ جي اھم اڳواڻ جو اڳتي ھلي حوالو ڏينداسون. بھرحال، اھو ٻڌائڻ ضروري آھي تہ 20 سيپٽمبر 2020 تي اسلام آباد ۾ مختلف پارٽين جي گڏجاڻي ٿي جنھنجو مکيہ بندوبست پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پپ) ڪيو ھو ۽ گڏجاڻيءَ ۾ پويان لڳل وڏي بينر تي، پ پ پ جي اسپانسر ھئڻ جي ڳالھ چٽيءَ ريت لکيل آھي.

ٻئي طرف، مون کي پي ڊي ايم جي سربراھ مولانا فضل الرحمان  ملڪ پٺاڻ (اڳواڻ جمعيت العلماءِ اسلام (ف)جو تازو بيان پڙھي ڏاڍو  اچرج ٿيو. هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي مولانا جو چوڻ ھو ته اسان جي صفن ۾ مير جعفر ۽ مير صادق هجڻ سبب پي ڊي ايم کي نقصان پهتو، بلاول ڀٽو زرداري، سرڪار (وفاقي) ۽ اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ويو آھي، جيڪا پيشڪش بلاول کي ٿي اها اسان کي بہ ٿي پر اسان قبول نہ ڪئيسون. سندس اھا بہ دعوى ھئي تہ استعيفائن جو آپشن پي ڊي ايم جي پڌرنامي ۾ موجود هو. جيڪڏهن پ پ پ اسان جي ڳالهہ مڃي ها تہهي سرڪار(وفاقي) ڪڏهن جو ختم ٿيل هجي ها ۽ عام چونڊون بہ ٿي وڃن ها. اسان کي گهڻي خبر آهي، گهڻو ڪجهہ علم ۾ آهي، پر ڪو محاذ نٿا کولڻ چاهيون، محاذ کولڻ تي آياسين ته هڪ سئي بہ نہ رهندي.

   بھرحال، منھنجي ڇنڊڇاڻ آھي تہ مولانا گهڻو ڪري تڪراري بيان ڏيندو رھندو آھي. جڏھن پاڪستانپيپلز پارٽي (پ پ پ)، پي ڊي ايم جي تڪراري پاليسين سان اختلاف ڪري الڳ ٿي وئي تہ پي ڊي اي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان اھو بيان ڏنو ھو تہ پ پ پ  جي الڳ ٿيڻ ڪري ڪو فرق ڪونہ پوندو ۽ اسان جدوجھد جاري رکي عمران سرڪار کي ناڪامياب بڻائينداسون پر ھنن ڪا خاص عملي جدوجھد ڪانہ ڪئي. سندس تازو ۽ اُلٽو بيان پڙھي اڃا بہ وڌيڪ اچرج ٿيو آھي. خبر ناھي تہ ھن ڇو اختلافي بيان جاري ڪيا آھن پر ھاڻي سچائيءَ سان ٻڌائي تہ مولانا  اڳ ڪوڙ ڳالھايو يا ھاڻي ڳالھائي ٿو؟ سندس چواڻي:  پي ڊي ايم ٽٽڻ جو ذميدار بلاول ڀٽو زرداري آھي پر پ پ پ کي پي ڊي ايم کان الڳ ٿيڻ تي مجبور ڪرڻ کانپوءِ ھن بيان ڏنو ھو تہ پي ڊي ايم تي ڪو اثر ڪونہ پوندو. ھن اعتراض جوڳو تبصرو ڪندي چيو آھي تہ مير جعفر ۽ مير صادق سبب نقصان پھتو آھي. ھاڻي اسان کي ڇنڊڇاڻ ڪري اھو ڏسڻو پوندو ڇاڪاڻ تہ ھن پي ڊي ايم جي ٽٽڻ جو اڳ تہ بيان ڪونہ ڏنو ھو پر ھاڻي ڇو ٿو ڏئي ۽اصل ۾ ”مير جعفر ۽ مير صادق“ ڪير آھن؟ بولاٽيءَ وارن بيانن مان تہ ائين لڳي ٿو تہ مولانا فضل الرحمان پاڻ ئي ”مير جعفر ۽ مير صادق“ آھي.ھونئن بہ سندس عام ڪردار مجموعي طور زوردار اختلافي رھيو آھي. ٻيو تہ ٺھيو پر قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ناھي ۽ اليڪشن ۾ بہ شڪست کاڌل اٿس.

منھنجي ايمانداريءَ جي راءِ ھئي تہ جڏھن کيس پي ڊي ايم جو سربراھ بڻايو ويو ھو تہ مونکي ان وقت بہ ڪالمسٽ طور اھا ڳڻتي ھئي تہ ھو اڳتي ھلي پي ڊي ايم سان دوکو ڪندو ۽ پنھنجي ذاتي مفاد خاطر، انھيءَ جو ٻيڙو ٻوڙي سگهي ٿو پر مونکي وري بہ اھو خيال آيو تہ پي ڊي ايم، ڪل 11پارٽين جو گروپ آھي سوممڪن آھي تہ گروپ ميمبر کيس اھڙو دوکو ڪرڻ ڪونہ ڏيندا.

پاڪستان پيپلز پارٽي(پ پ پ) 20 سيپٽمبر 2020 تي اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جي وجود جي سلسلي ۾ گڏجاڻيءَ جو بندوبست ڪيو ھو جنھن ۾ اھي اڳواڻ بہ شريڪ ٿيل ھئا.بھرحال، پي ڊي ايم جوپھريون صدر مولانا فضلالرحمان اڃا بہ برقرار آھي جڏھن تہ سيڪريٽري جنرل شاھد خاقان عباسي (نواز ليگ جو اڳوڻو وزيراعظم ) آھي. جيڪي پي ڊي ايم ۾ آھن تن پ پ پ سان گڏجي شروع ۾ عمران خان سرڪار خلاف پي ڊي ايم طرفان زوردار تحريڪ ھلائي ھئي ۽ اھو تاثر پيدا ڪيو ھو تہ ڪجھ مھينن کانپوءِ يعني 2021 جي پھرين ٽن مھينن ۾ عمران خان سرڪار ختم ٿي ويندي پر تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ خاطر ائين ڪونہ ٿيو سا مکيہ راز جي ڳالھ آھي.

 اصل ڳالھہ نوٽ ڪرڻ جي اھا آھي تہ مولانا فضل الرحمان جي مفادپرستي کان علاوھ نواز ليگ جي اڳواڻ  ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاھد خاقان عباسي ۾ دورانديشيءَ جي لاڳيتي کوٽ يعني ٻنھي جي پي ڊي ايم ۾ نااھليءَ پي ڊي ايم جي اھڙي تباھي آندي آھي.

ھاڻي اچوتہ نواز ليگ جي اھم اڳواڻ رانا ثناءَاللہبابت ڳالھايون. سندس اھم بيان موجب اسٽيبلشمنٽ پي ڊي ايم کي چيو ھو تہ لانگ مارچ ۽ استعيفائن طرف ڪونہ وڃو پر ”ان ھائوس“ تبديلي آندي وڃي. ھڪ خانگي ٽي وي سان ڳالھائيندي سندس دعوى ھئي تہ پي ڊي ايم اھڙي آڇ رد ڪري ڇڏي ھئي. رانا ثناءَاللہ چواڻي اسان پ پ پ تي تنقيد ڪرڻ نٿا چاھيون ۽ اھا بہ اسان تي تنقيد نہ ڪري. پنجاب ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ بي اعتمادي رٿ آڻي تہ اسين ساٿ ڏينداسين.

منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب ”اسٽيبلشمنٽ جي فرشتن“ جيڪو پي ڊي ايم کي آرڊر ڏنو تنھن آرڊر ھيٺ ئي ھنن گوڏا کوڙي ڇڏيا آھن، آڇ رد ڪرڻ وارو ناٽڪ آھي، نہ تہ اھا اھم ڳالھنوٽ ڪرڻ جي آھي تہ جيڪڏھن پاڪستان پيپلز پارٽي استعيفائون ڪونہ ڏنيون تہپوءِ نوازليگ ۽ پي ڊي ايم جي فرشتن استعيفائون ڇو ڪونہ ڏنيون؟ انھيءَ اھم سوال جو، پي ڊي ايم وارا مناسب جواب بلڪل نٿا ڏين. اھا بہ اھم ڳالھ آھي تہ پ پ پ وٽ ايتريون گهڻيون سيٽون بہ ڪونہ آھن جيتريون نواز ليگ وٽ آھن، پوءِ نواز ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان سميت ڪل 9 پارٽين استعيفائون ڇو ڪونہ ڏنيون آھن؟ پي ڊي ايم اڳواڻن کان ڪجھ اھڙو اھم سوال پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) جي سربراھ بلاول ڀٽي زرداري بہ پڇيو ھو پر پي ڊي ايم جا فرشتا، انھيءَ مکيہ سوال جو ڀروسي جوڳو جواب ڪونہ ٿا ڏين ۽ نہ ئي ڏيندا.بھرحال، اھي اھم اعتراض کي ٽارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا رھندا آھن تہ جيئن عوام آڏو پنھنجي غلطي مڃڻ بدران کين دوکو ڏنو وڃي.

اھا بہ سچائي آھي تہ پ پ پ، پي ڊي ايم ۾ ميمبر طور ھئڻ دوران اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي مخالفت ڪئي ھئي. منھنجي بي ريا ڇنڊڇاڻ آھي تہ  وزيراعظم عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ، ڪراچيءَ کي سنڌ کان ٽوڙڻ لاءِ يعني اليڪشن دوران”انتظامي يونٽ“ بڻائڻ جو حوالوڏنوھو ۽ ڪيترا ڀيرا اھڙو اعلان بہ ڪيو ھو. بھرحال، سنڌ کي ٽوڙڻ کان بچائڻ لاءِ، پ پ پ طرفان استعيفائن نہ ڏيڻ وارو  فيصلو،سو سيڪڙو درست ھو ۽ آھي نہ تہ عمران سرڪار، سنڌ ٽوڙڻ لاءِ عملي طرح جدوجھد ڪري ھا. پ پ پ جي سربراھ بلاول ڀٽي زرداري اھڙي تڪراري صورتحال کي اھميت ڏيندي بيان ڏنو آھي تہ اسانجي پارٽي، اتحادي پارٽيون جو ميدان ڇڏي چڪيون آھن. عمران خان کي فري ھينڊ ڏيندڙ دوست، اسانجي سرگرمين کان خوش ناھن. مولانا فضل الرحمان، سربراھ پي ڊي ايم ۽ نواز ليگ پارٽي چاھين ھا تہ گڏجي، عمران خان کي سڀاڻي ڪيرائي ڇڏيون ھا، نِڪرو ۽ شينھن بڻجو.

اھا بہ خاص ڳالھ نوٽ ڪرڻ جي آھي تہتازو پ پ پ سربراھ بلاول ڀُٽي زرداري، قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف پارٽين جي سربراھ ۽ نواز ليگ جي سربراھ ميان محمد شھباز شريفسان ڳالھ ٻولھ ڪئي جنھن ظاھري طور پ پ پ سان اتحاد ٻيھر قائم ڪرڻ بابت  موقف جي پٺڀرائي ڪئي پر لڳي ٿو تہ عملي طرح، پي ڊي ايم جو سربراھ فضل الرحمان ۽ پارٽي نواز ليگ جو اڳواڻ ۽ پي ڊي ايم جو سيڪريٽري جنرل شاھد خاقان عباسي شھباز شريف جيانھيءَ  راءِ کي اھميت نٿا ڏيڻ چاھين. ٻيئي اڳواڻ ”اسٽيبلشمنٽ فرشتن“  جي ھدايتن جي مخالفت ڪرڻ نٿا چاھين ۽ پنھنجي ذھني کي،  مرض مان جند ڇڏائڻ لاءِ، پ پ پ تي جائز بدران ناجائز الزام بہ ھڻندا رھن ٿا. منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب، ملڪ جو ھاڻوڪو وزيراعظم”سليڪٽيڊ“ طور مشھور آھي جنھن کي اقتدار ۾ ”اسٽيبلشمنٽ فرشتن“ آندو ھو ۽ اھي سندس اقتدار کي بچائڻ لاءِ ھر ظلم ڪرڻ لاءِ بہ تيار آھن. بھرحال، ملڪ جو فائدو انھيءَ ۾ آھي تہحقيقي ۽ جمھوري سرڪار آندي وڃي ۽ ”سليڪٽيڊ“ وزيراعظم جي سازشن کان ملڪ کي آجو ڪري جيترو ترت ٿي سگهي ملڪ جي جان بچائي وڃي. پي ڊي ايم کي گهرجي تہ پنھنجن ٻن سربراھن مولانا فضل الرحمان ۽ شاھد خاقان عباسيءَ کي ھٽائي مناسب ليڊر مقرر ڪنيا  وري کينزوردار تحريڪ ھلائڻ تي مجبور ڪري عمران خان سرڪار کان ملڪ جي جان بچائين. ڪاش! اھا اھم ڳالھ ملڪ جي ڀلائيءَ خاطر، پي ڊي ايم جي اڳواڻن  کي ڳنڀيرتا سان سمجھ ۾ اچي تہ وھ واھ.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button