پاڪستانسنڌ

نسلا ٽاور بابت نظرثاني درخواستون رد، ٽاور ڪيرائڻ جو فيصلو برقرار

ڪراچي

سپريم ڪورٽ نسلا ٽاور نظرثاني درخواستون رد ڪري ڇڏيون، سپريم ڪورٽ نسلا ٽاور ڪيرائڻ جو فيصلو برقرار رکيو. عملدارن کان عملدرآمد رپورٽ گهرندي ڪمشنر کي هڪ مهيني ۾ نسلا ٽاور خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ شنوائي ڪئي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪمشنر صاحب نسلا ٽاور جو ڇا ٿيو؟ نسلا ٽاور ٽرائنگل ڇو نه ڪيرايو؟ چيف جسٽس حڪم ڏنو ته وڃو ڏسو ۽ بنا دير رپورٽ ڏيو.

الاٽيز جي وڪيل منير اي ملڪ موقف ڏنو ته سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ ڪو به پلاٽ ليز نه آهي، مسئلو رڳو ٽرائنگل جو آهي. منير اي ملڪ موقف اختيار ڪيو ته وفاقي، صوبائي حڪومت ۽ ڪي ايم سي کي نوٽيس جاري ڪيو وڃي. رهواسين جي وڪيل عابد زبيري به دليل ڏنا. جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته اوهان ته نسلا ٽاور جي مالڪ کي پڪڙيو.

بئريسٽر عابد زبيري دليل ڏيندي چيو ته گهر کان بي گهر ٿي وڃڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي ۾ سڀ شيون وڪرو ٿين ٿيون، اپروو پلان هجي يا ليز سڀ وڪرو ٿئي ٿو، سروس لين بلڪل غائب ڪئي وئي. منير اي ملڪ چيو ته عدالت سموري نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس حڪم ڏنا ته جيڪڏهن اوهان جزوي قبضي واري جڳهه ڪيرائي سگهون ٿا ته ڪيرائي ڇڏيو، ڇا اوهان نسلا ٽاور کي جزوي طور تي ڪيرائي سگهو ٿا، اوهان بلڊنگ ٺاهي سڀ دليل ڏئي رهيا آهيو. منير اي ملڪ چيو ته ايئن ڪندا ته سڄو ڪراچي ڪيرائڻو پوندو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اوهان کي پوءِ ڪهڙِي تڪليف آهي؟ منير اي ملڪ چيو ته منهنجو ۽ اوهان جو گهر به هن ئي شهر ۾ آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ايئن آهي ته منهنجو گهر جڏهن اوهان جي دل گهري ڪيرائي ڇڏيو. چيف جسٽس جي ريمارڪس تي عدالت ۾ ٽهڪ ڏنا ويا.

منير اي ملڪ موقف ڏنو ته سنڌ جي وڏي وزير ڪنهن دور ۾ هي زمين ڏني. جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي مغلن جو دور ته ناهي جو وڏو وزير ڪجهه به ڪري. شنوائي دوران جسٽس اعجازالاحسن ۽ منير اي ملڪ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي.

سپريم ڪورٽ دليل ٻڌڻ کان پوءِ نسلا ٽاور نظرثاني درخواستون رد ڪندي نسلا ٽاور ڪيرائڻ جو فيصلو برقرار رکيو. سپريم ڪورٽ لاڳاپيل عملدارن کان عملدرآمد رپورٽ طلب ڪندي نسلا ٽاور ڪيرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ڪمشنر ڪراچي کي هڪ مهيني ۾ نسلا ٽاور خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button