شوبز

رنوير سنگهه زندگي جون 37 بهارون ڏسي ورتيون

ممبئي: بالي ووڊ اسٽار رنوير سنگهه 37 ورهين جو ٿي ويو. 6 جولاءِ 1985ع تي جنم وٺندڙ رنوير جو ڀارتي فلمن جي ڪامياب ترين اداڪارن مان شمار ٿئي ٿو. ميڊيا مطابق هن وقت ڀارتي فلمن ۾ سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪار سمجهيو وڃي ٿو. 2 فلم فيئر ايوارڊن کان علاوه، کيس سندس بهترين ڪارڪردگيءَ تي ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن ۽ 2012ع کان کيس “فوربز انڊيا جي مشهور شخصيتن” جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. انڊيانا يونيورسٽي بلومنگٽن مان بيچلر جي ڊگري مڪمل ڪرڻ کان پوءِ سنگهه پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. هن ڪيترن ئي ڪمرشلز ۾ اداڪاري ڪئي ۽ يش راج فلمز جي رومانٽڪ ڪاميڊي “بينڊ باجا بارات” ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هن فلم ڪاميابيءَ جا ڪيترائي نوان رڪارڊ قائم ڪيا، جڏهن ته رنوير سنگهه کي بهترين اداڪار جو ايوارڊ پڻ مليو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button