اسلام آبادپاڪستان

ڀت سان لڳايو ويو ته قوم سامهون سڀني کي وائکو ڪري ڇڏيندس:عمران خان

اسلام آباد :ڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي نقصان کان بچائڻ لاءِ خاموش ويٺو آهيان. مون کي خبر آهي ته هن سازش ۾ ڪهڙي ڪردار ڪهڙو رول ادا ڪيو آهي. جيڪڏهن اهڙي طرح ڀت سان لڳايو ويو ۽ حراسان ڪيو ويو ته پوءِ مجبور ٿي پوندس ۽ پوءِ چپ نه رهندس. ڪالهه پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ 5 جولاءِ تي مارشل لا لڳائي ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي وئي. آمريڪا ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت مان خوش نه هو، آمريڪا خوش نه هو. پاڪستان جي هڪ آزاد پرڏيهي پاليسي بڻائي ذوالفقار علي ڀٽو به پاڪستان کي آزاد پرڏيهي پاليسي ڏانهن وٺي وڃي رهيو هو. اڄ اهي ماڻهو مڙهيا ويا آهن جن تي اربين رپيا ڪرپشن جا ڪيس هلي رهيا آهن. آصف زرداري کي مسٽر ٽين پرنسنٽ چيو ويو، نوازشريف جي ڪرپشن تي فلمون ٺهيل آهن. عمران خان چيو ته موجوده حڪمران جو رڳو هڪ مقصد هو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اين آر او ملي وڃي. اسان جي حڪومت ۾ معيشت بهتر ٿي رهي هئي، اسان جي دور ۾ ٽيڪس ڪليڪشن ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو هو. اڄ هن حڪومت مهانگائي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. انهن ماڻهن اسان جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ اين آر او ورتو. اسان جي دور ۾ آئي ٽي جي شعبي ۾ رڪارڊ ترقي ٿي. سندن نظريو پئسو آهي سازش ڪندڙن کي عوام قبول نه ڪندو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اڄ سوشل ميڊيا جو دور آهي ڪابه خبر روڪي نٿي سگهجي. هنن ماڻهن کي موقعو ملي ته اسرائيل کي به تسليم ڪري وٺن. هي ڪشميرين جي قربانين کي نطرانداز ڪري ڀارت سان دوستي ڪري وٺندا. هي آمريڪا کي اڏا به ڏيندا ۽ ڪنهن نئين آمريڪي جنگ ۾ پئجي ويندا. عمران خان چيو ته مان ڪڏهن به پاڪستان ۾ اهڙي قسم جو فاشزم نه ڏٺو، لاهور لبرٽي چوڪ تي ماڻهن تي شيلنگ ڪئي وئي. مون کي سڀ خبر آهي ڪنهن ڇا ڪيو آهي هڪ وڊيو ٺاهي محفوظ جڳهه تي رکي وئي. مون کي ڪجهه ٿيو ته قوم کي ٻڌائيندس ته ذميوار ڪير آهي. پي ٽي آئي چيئرمين چيو ته حمزا شهباز جو فيصلو ڇو جلد نه ٿيو. ڇا حمزه شهباز وڏو وزير بڻجڻ جي اهل آهي؟ پنجاب اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي کي تباهه ڪيو ويو آهي. پنجاب جي ننڍي چوند ۾ ڌانڌلي جي باوجود حڪومت کي شڪست ڏيڻي آهي. سنڌ مڪاني چونڊن ۾ 15 سيڪڙو اميدوارن خوف جي ڪري حصو نه ورتو. هن چيو ته شهبازشريف ۽ حمزه تي 16 ارب رپيا ڪرپشن جا ڪيس آهن، اهي آزاد گهمي رهيا آهن. مريم نواز چيو ته لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ منهنجي ڪائي پراپرٽي نه آهي لنڊن جي سڀ کان مهانگي علائقن ۾ 4-4 فليٽ (ن) ليگي نائب صدر جي نالي تي آهن. پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي ڪري اڄ بنگلاديش اسان کان اڳتي نڪري ويو. ماڻهن ايف آئي اي ۽ نيب کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته منهنجي پارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي حراسان ڪيو پيو وڃي ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. رڳو مون تي 15 ايف آئي آر داخل ڪيون ويون آهن، ملڪ کي نقصان کان بچائڻ لاءِ خاموشي سان ويٺو آهيان. . عدليا سان مخاطب ٿيندي پي ٽي آئي چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ جنهن نموني صحافين ۽ سماجي ڪارڪنن کي حراسان ڪيو پيو وڃي ته ڇا بنيادي انساني حق معطل ٿي ويا آهن. ڇا ملڪ ۾ مارشل لا لڳي ويو آهي. ڇا هي والاريل ڪشمير آهي، هي فلسطين آهي، اسان جي پارٽي جي انتشار جي ڪائي تاريخ نه آهي. اسان جي جلسي ۾ عورتون ٻارڙن سميت اچن ٿيون. ان باوجود پوليس عورتن ۽ ٻارڙن تي شيلنگ ڪئي وئي. اسان سپريم ڪورٽ به وياسين پر اسان کي ڪو ريسپانس نه مليو. هن کان اڳ ٽوئيٽر تي پي ٽي آئي چيئرمين لکيو ته قوم امپورٽيڊ حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ جي لاڳيتو ڳري معاشي قيمت ادا ڪري رهي آهي. آمريڪي سازش جي ذريعي ان وقت امپورٽيڊ حڪومت کي آندو، جڏهن اسان جي حڪومت معيشت مستحڪم ڪري ڇڏي هئي. ايڪسپورٽس جيڪا مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي حڪومتي دور ۾ 25 بلين ڊالرز جي بيهجي وئي هئي. اها اسان جي حڪومت ۾ 30 بلين ڊالر کان ٽپي وئي هئي ۽ پهريون ڀيرو هلندڙ سال 31 بلين ڊالرز تائين پهتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button