اسلام آبادپاڪستان

شيري رحمان جي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر سان ملاقات

اسلام آباد : وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر يونگ ي سان تجديد جوڳي توانائي تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ هڪ بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي. وفاقي وزير توانائي جي منصفاڻي منتقلي لاءِ وسيلن جي طريقيڪار جي حوالي سان خاڪو پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪستان توانائي جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي. امپورٽيڊ توانائي تي گهٽ ڀاڙڻ لاءِ هڪ بهترين حڪمت عملي جڏهن ته تجديد جوڳي توانائي لاءِ ٺوس منصوبا اڻٽر آهن ڇو ته ڪوئلي ۽ ڪاربن کان وڌيڪ توانائي جا پيداواري پلانٽ پاڪستان جي پاور گرڊ تي حاوي آهن. ملڪ جي مالي ۽ اقتصادي سلامتي تي سوديبازي ڪرڻ بنا توانائي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ جٽادار حڪمت عملي لاءِ جٽادار مستقبل تجديد جوڳي توانائي واحد رستو آهي. هن وفد کي درخواست ڪئي ته هو توانائي جي منتقلي جي طريقڪار لاءِ ٽرانزيشن اسسمنٽ جي اهتمام تي اڳتي وڌي ته جيئن پاڪستان کي ڪلين پاور لاءِ قدمن کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ملي. مسٽر يونگ ي زور ڏنو ته پراڻن انرجي پاور پلانٽس جي تخفيف سان نه صرف ڪاربن جي خارج ٿيڻ ۾ خاص گهٽٽائي ايندي پر تجديد جوڳي توانائي، ذخيرو ڪرڻ، اليڪٽرڪ گاڏين ۽ ٻين ٽيڪنالوجيز ۾ سيڙپڪاري به کلي ويندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين سبب ٻوڏ واري صورتحال، سخت گرم لهرن، گلوف جي واقعن کان بري طرح متاثر ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ سيڪڙو کان به گهٽ گرين هائوس گئسون خارج ڪرڻ جو ذميوار آهي. جڏهن ته اسان جي عالمي سطح تي انهن گئسن جي خارج ٿيڻ جي قيمت پاڪستان کي معيشت ۾ ٻڏتر جي صورت ۾ ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي. شيري رحمان ٽيڪنيڪي ۽ مالياتي سطحن تي صلاحيت وڌائڻ ۾ اسان جي مدد ڪرڻ جو واعدو ڪرڻ تي اي ڊي بي جهڙن سمورن ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button