اسلام آبادپاڪستان

فرحت الله بابر ڪابينا ڪميٽي کي گم ماڻهن بابت تجويزو ڏئي ڇڏيون

اسلام آباد :جبري گمشدگي ۽ گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان قائم ٿيل ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي هڪ ڀيرو ٻيهر معاملي جي سنجيدگي کي نظر ۾ رکندي گم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي جلد حل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪميٽي جي ايندڙ اجلاسن ۾ سڀئي اسٽيڪ هولڊرز جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ جبري گمشدگي ۽ گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان قائم ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو ٻيو اجلاس اڱاري ڏينهن منعقد ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير فيصل سبز واري، شازيا مري ۽ گهرو وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اڳوڻي سينيٽر فرحت الله بابر کي اجلاس ۾ شرڪت جي خاص دعوت ڏني وئي هئي. فرحت الله بابر گم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي حل ٿيڻ لاءِ ڪميٽي سامهون پنهنجون تجويزون رکيون. وفاقي وزير فيصل سبزواري به پنهنجون تجويزون ڪميٽي سامهون رکيون. گم ٿيل ماڻهن بابت ڪم ڪندڙ هيومن رائيٽس ايڪٽيوسٽس، انساني حقن جي تنظيمن جي نمائندن، رياستي ادارن جي نمائندن کي به ايندڙ اجلاسن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي. ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس 14 جولاءِ خميس ڏينهن منعقد ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button