پاڪستانسنڌ

خيرپورناٿن شاهه ڀرسان ٿاڻو ڊاهي پٽ، لوهه ۽ سرون چوري

خيرپورناٿن شاھه: خيرپور ناٿن شاھه ڀرسان بيگو ديرو ۾ ٿاڻي کي شهرين ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته لوهه ۽ سرون به چورائي ويا. ان حوالي سان هتان جي رهواسين ٻڌايو ته 1990 جي ڏھاڪي ۾ ڌاڙيلن کان رهواسين کي بچائڻ لا بيگو ديرو ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٿاڻو قائم ڪيو ويو هو، جنهن بعد مالڪي نه ٿيڻ ڪري شهري ٿاڻي کي ڊاهي لوهه ۽ سرون به کڻي ويا آهن، ٿاڻي ٺھڻ کان پوءِ پوليس ڏينهن رات ناڪابندي ڪري تلاشي وٺندي هئي، پر هاڻي ٿاڻو نه هئڻ ڪري بدامني ۾ واڌ ٿي آهي، اسان کي گوزو پوليس جي حد ۾ ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن اسان وٽ ڪا چوري يا واردات ٿيندي آهي ته پوليس کي پهچڻ ۾ به ڪلاڪ لڳي ويندو آهي. هنن اختياين کان گهر ڪئي ته بيگو ديرو ۾ ٻيهر ٿاڻو قائم ڪيو وڃي.



سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button