
سيتاروڊ: سيتاروڊ ۾ امڪاني طور بئنڪ بند ڪرڻ خلاف سيتا سرجڻهار فورم پاران 23هين ڏينهن به مشهور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ پروفيسر غلام مصطفيٰ مڱڻهار، رانا سرفراز علي راجپوت، شهزاد ميمڻ، قمرالدين چهواڻ، آصف خانزادو، امام علي مڱڻهار، محمد موسيٰ چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هنن چيو ته وڏي عمر جا سوين پينشنر ۽ حاضر سروس ملازم عورتون ۽ مرد پينشن ۽ پگهار جي هتان سهولت وٺن ٿا، پر بئنڪ بند ٿيڻ سان انهن سوين پينشنرن ۽ حاضر سروس ملازمن کي دادو، ميهڙ، خيرپورناٿن شاهه جي بئنڪن ۾ وڃڻ سان تمام وڏي تڪليف مان گذرڻو پوندو، ان ڪري وسوارن کي گهرجي ته نيشنل بئنڪ برانچ سيتاروڊ بند ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي نه ته احتجاج جاري رهندو.