شوبز

آريان جي ضمانت نھ ٿي، وڌيڪ هفتو جيل ۾ گذاريندو

بالي ووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان جو پٽ آريان خان جي ضمانت نھ ٿي سگهي آهي، جنهن سبب هو وڌيڪ هڪ هفتي تائين جيل ۾ رهندو. ميڊيا مطابق آريان خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪالهه ممبئي جي خاص عدالت ۾ ٿي، جنهن ۾ عدالت نارڪوٽڪس بيورو ۽ آريان جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو 20 آڪٽوبر تي ٻڌايو ويندو. ان کان اڳ عدالت ۾ آريان جي ضمانت واري درخواست جي اين سي بي مخالفت ڪئي ۽ چيو تھ آريان خان منشيات جي اسمگلنگ جي ڪيس ۾ ملوث آهي. جڏهن تھ آريان جي وڪيل جو چوڻ هو تھ آريان جهاز ۽ پارٽي ۾ نھ هو، پوليس کيس ٻاهران حراست ۾ ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button