سنڌ

ميرپورماٿيلو ڀرسان جهيڙي جو زخمي پرائمري استاد فوت

ميرپور ماٿيلو ڀرسان ڳوٺ نبي بخش ڪلوڙ ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل پرائمري استاد رفيق احمد ڪلوڙ رحيم يار خان اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ زمين جي تڪرار تان چاچن ۽ ڀائٽين ۾ جهيير دوران پرائمري استاد ۽ سندس 2 پٽ عبدالوحيد ۽ توفيق احمد زخمي ٿي پيا هئا. هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڌر گھر خالي ڪري فرار ٿي وئي. جڏهن ته مقتول پرائمري استاد رفيق احمد ڪلوڙ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر نظام الدين ڪلوڙ جو ڀاءُ آهي، ان ڏس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت نظام الدين ڪلوڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جهيڙي ۾ پوليس اهلڪار رياض ڪلوڙ، علي نواز، ارشاد ۽ ٻين تشدد ڪري منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي، زخمي ٿيل ڀائٽا رحيم يار خان اسپتال داخل آهن. مقتول جو مڙهه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button