سنڌ

ڪنڊيارو ۾ ڍوڍا شاخ کي 10 فوٽ گهارو،فصل پاڻي هيٺ

ڪنڊيارو ۾ روهڙي ڪئنال مان نڪرندڙ ڍوڍا شاخ کي ڄام ڳوٺ کان احمد فلور مل وٽان 10 فوٽ گهارو پئجي ويو. جنهن سبب وونئڻن جي فصل سميت ليمن جا باغ پاڻي هيٺ اچي ويا. ڳوٺاڻن اطلاع ڏنو پر آبپاشي عملدارن نه پهتا، جنهن ڪري پاڻي ڳوٺ طرف وڌڻ لڳو. اهڙي صورتحال بعد مسجد ۾ اعلان ڪرايا ويا، جنهن کانپو ڳوٺاڻن پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت 4 ڪلاڪن جي ڪوشش کانپو گهارو بند ڪيو. ڳوٺاڻن چيو ته اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهتو آهي، جنهن ڪري فصلن جو وڏو نقصان ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button