سنڌ

ڪنب ڀرسان ٽرڪ سان ٽڪر ۾ رٽائرڊ پوليس اهلڪار فوت

ڪنب ٿاڻي جي حد مھراڻ ھا وي تي ڳوٺ پارو خان پاتو ڀرسان تيز رفتار ٽرڪ جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ حاجي شھيبگ راڄپر جو رھواسي رٽائرڊ پوليس اھلڪار عبدالرشيد راڄپر فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس چوڪي مومن مھر جي اهلڪارن حادثي واري ھنڌ پھچي ڊرائيور کي ٽرڪ سميت تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. جڏهن ته فوتي جو لاش ڪوٽڏيجي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي مڙهه کڻي گهر پهتا ته ڪھرام مچي ويو. آخري اطلاع تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button