رانديون

آئرلينڊ وارم اپ ميچ ۾ بنگلاديش کي هارائي ڇڏيو

آئرلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ وارم اپ ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم کي 33 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق آئرلينڊ پهرين کيڏندي 177 رنسون ٺاهيون، گاريٿ 88 جي وڏي اننگ کيڏي. جڏهن تھ ان بنگلاديش جي ٽيم کي ڪاميابي لا 178 رنسن جو هدف ڏنو، جنهن جي جواب ۾ بنگلاديش جي ٽيم 144 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. آئرلينڊ جي گاريٿ ڊيلني 88 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي آهي. هوڏانهن ڪرڪيٽ جا تجزيي نگار ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي وارم اپ ميچ ۾ بنگلاديش جي شڪست اپ سيٽ قرار ڏئي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button