سنڌ

عمران خان سڄي دنيا ۾ حساس اداري کي بدنام ڪيو آهي:لياقت بلوچ

جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب امير لياقت بلوچ چيو آهي ته عمران خان ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري واري معاملي تي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي حساس اداري کي بدنام ڪيو آهي. اسٽيبلشمينٽ کي سياست ۾ مداخلت نه گهرجي. گهوٽڪي ۾ “سيرت النبي صه” ڪانفرنس کي خطاب ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته عمران خان پارليامينٽ کي عوامي حقن لا استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي بدعنواني سبب پارٽي ملڪ جي ٽن صوبن مان عملي طور تي ختم ٿي چڪي آهي. هاڻ صرف سنڌ ۾ پ پ جي وڏيرن جي حڪومت آخري پساهه کڻي رهي آهي. پنهنجي نااهلي سبب ٻيهر سنڌ ۾ به سندس وجود ختم ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته گهوٽڪي جي قدرتي وسيلن تي سڀ کان اڳ مقامي ماڻهن جو حق آهي پر گهوٽڪي جا ماڻهو مزدوري لاءِ به پريشان آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button