ناليواري ڀارتي اداڪار پاريش راول انڪشاف ڪيو آهي ته مون پنهنجي زال بابت دوست کي 12 سال اڳ ۾ چيو هو ته هي منهنجي زال ٿيندي. ياد رهي ته پاريش راول ۽ سواروپ سمپٽ جي شادي 1987ع ۾ ٿي هئي، ٻنهي کي 2 پٽ اديتيا ۽ انيرودهه آهن. هڪ انٽرويو دوران پاريش راول چيو ته هي ڇوڪري منهنجي زال ٿيندي، جنهن تي دوست جواب ڏنو ته جنهن ڪمپني ۾ تون ڪم ڪرين ٿو، ان جي مالڪ جي ڌي آهي. پاريش چيو ته مون دوست کي چيو ته جنهن جي به ڌي هجي، ڀيڻ هجي يا ما هجي، آئون هن سان ئي شادي ڪندس. هن چيو ته مون 2 کان 3 مهينن ۾ سواروپ سمپٽ کي ٻڌايو ته آئون توسان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو. ڀارتي اداڪار چيو ته منهنجي شادي ان واقعي جي تقريبن 12 سالن کانپو ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close