اسلام آبادپاڪستان

جسٽس قاضي فائز ۽ تحريڪ انصاف جي ايم اين اي اڪرم چيما وچ ۾ ڏند چڪ

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ تحريڪ انصاف جي ايم اين اي اڪرم چيما وچ ۾ ڏند چڪ ٿي آهي. ذريعن موجب ڇڪتاڻ گارگند تي پهچي وئي. جڏهن ته ايم اين اي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته پارليامينٽ سامهون گاڏي ۾ ويٺل شخص سخت ٻولي استعمال ڪئي ۽ رستو روڪيو. مون ڪنهن جي گرفتاري جو حڪم ناهي ڏنو، پارليامينٽ سامهون شڪي گاڏي ڏسي پوليس اهلڪارن کان پڇيو هو. اسلام آباد جي ريڊ زون جي شاهراهه دستور تي سپريم ڪورٽ جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪارن شيشن واري شڪي گاڏي جي نشاندهي ڪئي ته گاڏي ان جو رستو روڪيو ۽ گاڏي ۾ ويٺل شخص جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي گهٽ وڌ ڳالهايو. پوليس ذريعن موجب جسٽس فائز عيسيٰ پنهنجي رهائشگاهه کان پنڌ سپريم ڪورٽ وڃي رهيو هو. هن ڪارن شيشن ۽ غير قانوني نمبر پليٽ جي نشاندهي ڪئي. اها گاڏي تحريڪ انصاف ايم اين اي اڪرم چيما جي هئي، پوليس کيس حراست ۾ ورتو. هوڏانهن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ آهي ته مان روز پنڌ سپريم ڪورٽ ايندو آهيان، ڪنهن جي گرفتاري جو حڪم ناهي ڏنو، مان رستي تي هلندي نه پر عدالت ۾ حڪم ڏيندو آهيان. هن چيو ته صبح پارليامينٽ سامهون شڪي گاڏي آئي، خبر نه هئي ته گاڏي ۾ ڪير هو، پوليس کان گاڏي بابت پڇيو هو، گاڏي ۾ بيٺل شخص سخت ٻولي استعمال ڪئي ۽ گاڏي پارليامينٽ ۾ ڪاهي ويو. پارليامينٽ جي گيٽ تي موجود پوليس اهلڪارن کي گاڏي چيڪ ڪرڻ جو چيو ته گاڏي پارليامينٽ مان واپس اچي وري رستو روڪيو ۽ گاڏي ۾ موجود اڻڄاتل شخص گهٽ وڌ ڳالهايو پر مان چُپ رهيس. هوڏانهن سيڪريٽريٽ ٿاڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر جي مداخلت تي ايم اين اي اڪرم چيما کي آزاد ڪري ڇڏيو پر سندس گاڏي اڃا پوليس جي تحويل ۾ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button