سنڌ

وارهه ۾ 6 ڄڻن جي قتل بعد جسم چيئرمين متاثرن سان ڏک ونڊيو

وارهه ۾ معمولي ڳالهه تان چانڊين ۽ بروهين جي جهيڙي ۾ 6 ڄڻن قتل واري واقعي بعد جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض علي چانڊيو متاثر ٿيل ڌرين وٽ پھچي ڏک ونڊيو. رياض چانڊيو چيو ته اسان جو سڄو وطن پر امن آهي، بروهي ۽ چانڊيا هن ڌرتي جا پٽ آهن، اسان وٽ ريتون رسمون آهن جنهن اڳرائي ڪئي آهي، ان کي حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو، هن چيو ته ڪجھه ڏينهن اڳ آيل بلوچستان جو سردار ثناالله زھري ۽ ريٽائرڊ جنرل قادر بلوچ زهري لا احترام آهي، ھو اگر آيا هئا ته کين ٻنهي ڌرين سان تعزيت ڪرڻ گهرجي ھا پر بلوچستان جي سردار سون جي تعداد ۾ هٿيارن جي نمائش ڪري اسان سنڌي قوم کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا ۽ کين ٻڌايو ٿا ته اوهان پنهنجي بلوچستان وڃي پنهنجا مسئلا حل ڪريو، سنڌ پيار ۽ امن جي ڌرتي آهي، هتي سڀ سنڌي آهن ۽ هتي سنڌي ريتون رسمون ۽ رواج ھلندا، اسان کي بلوچ قوم لا عزت ۽ احترام آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button