شوبز

دوست کي 12 سال اڳ ۾ چيم ته هي منهنجي زال ٿيندي:پاريش راول

ناليواري ڀارتي اداڪار پاريش راول انڪشاف ڪيو آهي ته مون پنهنجي زال بابت دوست کي 12 سال اڳ ۾ چيو هو ته هي منهنجي زال ٿيندي. ياد رهي ته پاريش راول ۽ سواروپ سمپٽ جي شادي 1987ع ۾ ٿي هئي، ٻنهي کي 2 پٽ اديتيا ۽ انيرودهه آهن. هڪ انٽرويو دوران پاريش راول چيو ته هي ڇوڪري منهنجي زال ٿيندي، جنهن تي دوست جواب ڏنو ته جنهن ڪمپني ۾ تون ڪم ڪرين ٿو، ان جي مالڪ جي ڌي آهي. پاريش چيو ته مون دوست کي چيو ته جنهن جي به ڌي هجي، ڀيڻ هجي يا ما هجي، آئون هن سان ئي شادي ڪندس. هن چيو ته مون 2 کان 3 مهينن ۾ سواروپ سمپٽ کي ٻڌايو ته آئون توسان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو. ڀارتي اداڪار چيو ته منهنجي شادي ان واقعي جي تقريبن 12 سالن کانپو ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button