سنڌ

شڪارپور پوليس کنڀيل نوجوان کي ڏوھاري ڄاڻائي ماري ڇڏيو

ميان صاحب ٿاڻي جي حد ۾ رات جو دير سان پوليس گشت دوران نظام واهيءَ وٽ 3 ڏوهاري ڏوهه جي ارادي سان پيادل وڃي رھيا هئا ته پوليس ڏوهارين کي ڏسي فائرنگ ڪئي، ڏوھارين به جوابي فائرنگ ڪئي. اھڙي طرح ڏوھارين ۽ پوليس ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ پنو عاقل جي ڳوٺ عمر چاچڙ جو رهواسي مدد علي پٽ ليمون خان چاچڙ مارجي ويو ۽ پوليس موجب سندس ٻه ساٿي فرار ٿي ويا، جنهن جي قبضي مان پوليس موجب بندوق هٿ ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف پوليس مقابلي جو ڪيس رياست پاران ايس ايڇ او ميان صاحب قربان علي ککراڻي جي مدعيت ۾ مارجي ويل ڏوهاري ۽ 2 نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو. ھوڏانھن مارجي ويل نوجوان جو ڪرمنل رڪارڊ پوليس آخري اطلاعن تائين ظاھر نه ڪري سگھي. رابطو ڪرڻ تي ميان صاحب پوليس چيو ته شڪارپور ضلعي جي ٿاڻن ۽ سکر ضلعي جي ٿاڻن تان مارجي ويل ڏوھاري جو ڪرمنل رڪارڊ طلب ڪيو آهي جيڪو بعد ۾ ظاھر ڪيو ويندو. مارجي ويل نوجوان جي ما سدوري خاتون ۽ مامي دليل چاچڙ ٻڌايو ته اسان جو نوجوان پورھيو ڪندڙ ھو، موٽرسائيڪل تي پني عاقل دوا وٺڻ ويو، جنھن کي شڪارپور پوليس پنو عاقل مان کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو، ھنن الزام هڻندي چيو ته اسان جي نوجوان کي ميان صاحب ٿاڻي جي حد ۾ ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ڏوھاري ڄاڻائي ماريو ويو آھي. ٻئي مارجي ويل ڳوٺاڻي مدد چاچڙ جي وارثن پنوعاقل جي سڌوجا با پاس تي لاش رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو. وارثن دانهيندي چيو ته نوجوان مدد ڏوھاري نه ھو مٿس ھڪ ڪيس به داخل ناھي ٿيل، ھو ٻه ڏينهن اڳ پني عاقل شھر ويو ھو جتان پوليس کنڀي کڻي وڃڻ کانپوءِ ڏوھاري ڄاڻائي جڙتو مقابلي ۾ ماري ڇڏيو آھي، ھنن چيو ته اسانجي نوجوان مٿان ھڪ به ڪيس داخل ٿيل ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button