پاڪستان

اسان وٽ عورت کي انسان ئي نٿو سمجهيو وڃي:امداد چانڊيو

هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران “هيومن رائٽس وومين ڊفينڊرز حراسمينٽ” جي حوالي سان ويهڪ ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي ايڇ آر سي پي سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر امداد چانڊيو چيو ته عورتن کي وڏي ظلم جو نشانو بنايو وڃي ٿو، اسان وٽ عورت کي انسان ئي نٿو سمجهيو وڃي. سماج سڌارڪ واجد لغاري چيو ته اسان جي معاشري ۾ عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ تمام گهٽ عورتون سامهون نظر اچن ٿيون، اسان کي حقن لا جدوجهد ڪندڙ عورتن جا هٿ مضبوط ڪرڻ جي ضروت آهي. شميم مري چيو ته اسان وٽ عورتن جي خودڪشي جا ڪيترائي واقعا پيش اچن ٿا پر رپورٽ نٿا ٿين، عورت کي گهر مان نڪري پنهنجن حقن لاءِ وڙهڻ کان روڪيو وڃي ٿو، اسان کي سوچڻ گهرجي ته آخر عورتن جي وڌندڙ قتل ۽ خودڪشين کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button