سنڌ

نوجوانو پڙهو،مختلف ڪم سکو ۽ ٻاهر نڪرو:اياز لطيف پليجو

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي سنڌ جي نوجوانن سان مخاطب ٿيندي چيو آھي ته نوجوانو پڙھو، ڪم سکو، ٻاھر نڪرو، انجنيئرنگ، وڪالت، ميڊيڪل، بزنس، آءِ ٽي پڙھو، سي ايس ايس، ڊپلوماز، اسٽيوٽا ڪورسز ڪيو، ڳوٺن مان شھرن ۾ اچو، پرڏيھه وڃو، ڪاروبار ڪيو، ٻيو ڪو رستو ناھي. اياز لطيف پليجي چيو ته تعليم کان سوا اڳتي نٿو وڌي سگھجي. ڪرپشن، انتھاپسندي، خراب حڪمراني جو تعليم ۽ ميرٽ سان مقابلو ڪري سگھجي ٿو. والدين پٽن سان گڏ نياڻين کي به لازمي تعليم ڏيارين. معمولي نوڪرين لا حڪمرانن جي بنگلن جا چڪر ھڻڻ بدران لائبريرين ۾ وڃي سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي تياري ڪيو. نوجوان ۽ ڇوڪريون ٻاھرين ملڪن ۾ اعلى تعليم لا اسڪالرشپ جي ڪوشش ڪن. سنڌ جي نوجوانن ۽ نياڻين جو بھتر مستقبل حڪمرانن جي ايجنڊا تي ناھي. هن چيو ته سنڌ جو مستقبل نوجوانن سان جڙيل آھي. اھي تعليم ذريعي سڀاڻ جا ديانتدار انتظامي آفيسر ٿي سگھن ٿا. .

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button