سنڌ

ڪڙيو گهنور ۾ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر،2 ڄڻا فوت،عورت زخمي

ڪڙيو گهنور ۾ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر سبب 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پئي. خبر موجب ڪڙيوگھنور ۾ گولاڙچي روڊ تي بٺا اسٽاپ ويجھو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو مالھو مل پٽ ڪنڊيو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته فوتي جي زال ۽ ھڪ نامعلوم شخص شديد زخمي ٿي پيا، جن کي انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال گولاڙچي ريفر ڪيو ويو، جتي هڪ وڌيڪ زخمي دم ڏئي ڇڏيو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. خبر لکڻ تائين سندس لاش اسپتال ۾ پيل آهي. جڏهن ته ڪڙيوگھنور پوليس موٽرسائيڪلن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button