شوبز

قطرينا شادي کي ڳجهو رکڻ جو ڪارڻ نيٺ ٻڌائي ڇڏيو

بالي ووڊ فلمن جي هيروئن قطرينا ڪيف ساٿي اداڪار وڪي ڪوشل سان پنهنجي شادي کي لوڪ کان لڪائڻ جو سبب نيٺ ٻڌائي ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان کي ڪرونا وائرس جي لهر سبب ڳجهي نموني شادي ڪرڻي پئي، ڇاڪاڻ ته منهنجا گهرڀاتي ذاتي طور تي ڪووڊ سبب متاثر ٿيا هئا ۽ مونکي چڱي ريت خبر هئي ته ڪرونا جي وبا ڪيڏو سنجيده معاملو آهي. هن وڌيڪ چيو ته شادي جي تقريب خوبصورت هئي ۽ وڪي توڙي مان تمام گهڻو خوش آهيون، مونکي لڳي ٿو ته هاڻي دنيا ڪرونا جي خطري مان ٻاهر نڪري چڪي آهي. ياد رهي ته قطرينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل ڊسمبر 2021ع ۾ شادي ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button